سيئول-12 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جو??گ ان جي ڌمڪي سندس پنهنجي انتظاميا کي ئي نقصان پهچائيندي، ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسان جي حڪ??مت اتر ڪوريا جي هر چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي جو جواب ڏيندي، هن چيو ته ڪم جو??گ ان جي ڏکڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ واري ڌمڪي اسان لاءِ صرف لفظن جي راند آهي جيڪا جلد ئي اتر ڪوريا انتظاميا لاءِ نقصان جو سبب بڻجندي. واضع رهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ فيڪٽرين جي دوري کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏ??ن اتر ڪوريا خلاف هٿيار استعمال ڪرڻ يا اتر ڪوريا جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان پاڻ وٽ موجود وسيلن کي استعمال ڪنداسين ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ کان پاسو نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری